بدامني جي اوٽ ۾ سنڌ حڪومت کي هدف بڻايو پيو وڃي: عروبه رباني

ڪراچي (رپورٽر) پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن، ڪراچي ڊويزن جي سيڪريٽري اطلاعات تيمور علي مھر، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر عروبھ  راشد رباني، سيڪريٽري اطلاعات فريد ميمڻ، رميز صديقي ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته بد امني جي آڙ ۾ سنڌ حڪومت ۽ پوليس کاتي کي ٽارگيٽ بنائڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت خلاف سازشن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي، تيمور علي مھر چيو تھ دنيا اندر بد امني جي تناسب ۾ غير ضروري اضافو ٿي رھيو آھي،  مان رڳو پيپلزپارٽي سان دشمني جي بنياد تي سنڌ حڪومت خلاف پروپيگنڊا ڪندڙڌرين کان پڇڻ ٿو گھران تھ سندن حڪومتن جي دور ۾ بلديا ٽائون فيڪٽري سميت وڏا وڏا ڏوھ ڪيا ويا، ان وقت تھ سنڌ حڪومت خلاف دانھون، ڪوڪون نھ ڪيون ويون ھيون. ھن چيو تھ ماضي ۾ متحدھ قومي موومينٽ جو ادارن جي سھڪار سان ڏوھاري ڳٺ جوڙ رھيو آھي، جيڪو ھاڻي ٽٽڻ جي صورت ۾ انھن لاءِ ڏکيائيون سامھون اچي رھيون آھن. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت خلاف پروپيگنڊا رڳو معاشري اندر ادارن کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي. تيمور علي مھر چيو تھ ڪراچي ۽ سنڌ اندر ڏوھارين، نشي جي واپارين، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف سنڌ حڪومت جون ڪارروايون واکاڻ جوڳيون آھن، جنھن جي قيادت سنڌ جو وزير اعليٰ ڪري رھيو آھي، جنھن کي ساڃاھھ وند طبقو ساراھي رھيو آھي. ھن چيو تھ ڪراچي اندر اسٽريٽ ڪرائيم جي معاملي تي منفي سياست کان بچڻ گھرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.