ڪوٽڙي واسڻ آسيه جو قاتل ويجهو عزيز نڪتو، پوليس آڏو اعتراف

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو)ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي حد محمود شاھه ڪالوني ۾ 10 ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ڪيل 8 سالن جي معصوم ٻارڙي آسيه هزارا جو قاتل سندس ويجھو مائيٽ نويد پٽ صديق هزارا نڪتو، پوليس کيس گرفتار ڪري سندس قبضي مان معصوم جي ڪنن مان لاٿل واليون ۽ جوتا هٿ ڪري ورتا، ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز  پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪري جوابدار کي ميڊيا آڏو پيش ڪيو. جوابدار پوليس آڏو ڏوھه جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته  مان گتا ميڙي گهر جو گاڏو هلائيندو آهيان بک ۽ عيد جا ڪپڙا خريد ڪرڻ لاءِ معصوم آسيه جي ڪنن مان واليون لاهي کيس قتل ڪيو آهي،7 اپريل تي شام ڌاري آسيه شيءَ وٺي گهر طرف وڃي رهي هئي کيس روڪي ڪنن مان واليون لاٿيون جتي آسيه رڙيون ڪندي چيو نويد مان وڃي امان کي ٻڌايان ٿي والا لاٿا ۽ کيس پڪڙي رومال سان ساهھ ٻوساٽي ماري لاش ٻوري ۾ بند ڪري پاڙي ۾ بند پيل جاءَ تي اڇلائي هليو ويس.

  • سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي پاران پوليس رپورٽ مشڪوڪ قرار

ڪوٽڙي:سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي ايس ايس پي ڄامشورو طرفان ڪيل پريس ڪانفرنس کي مشقوق قرار ڏيندي اصل قاتلن کي بچائڻ واري معاملي جي مذمت ڪئي آهي،  جسقم آريسر اڳواڻ عبدالفتاع جو چوڻ آهي ته 14 سالن جو ٻار 8 سالن جي نينگري کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪري ڪچري جي ڍير تي ڪئين ٿو اڇلائي سگهي اهو ممڪن ئي ناهي، شهيد ڀٽو اڳواڻ ديدار ٻگهيو جو چوڻ آهي ته آسيا معاملي کي جنهن طريقي سان ڄامشورو پوليس پيش ڪيو آهي ان مان مطمئن نه آهيون،  ايس ٽي اڳواڻ يونس اوٺو معصوم آسيا معاملي تي ايس ايس پي طرفان اڄوڪي ڪيل ڪانفرنس ڪوڙ تي مشتمل ھئي، ايس يو پي اڳواڻ فياض سومرو جو چوڻ آهي ته ڄامشورو پوليس اصل حقيقتون آڻڻ بدران روايتي پريس ڪانفرنس ڪري معاملي جي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

  • پٽ نويد مٿان تشدد ڪري بيان ڏياريو ويو آهي: جوابدار جي امڙ

ڪوٽڙي: الزام هيٺ آيل جوابدار نويد ھزارا جي  امڙ جو چوڻ آھي ته پوليس معصوم پٽ کي ڦاسايو آهي سندس مٿان تشدد ڪري اهڙا بيان ڏياريا ويا آهن اصل قاتلن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان جي گھر ۾ ڪو به غربت وارو ماحول ناهي منھنجو مڙس ڪراچي ۾ ڪم ڪندو آھي ۽ مان گھرن ۾ صفائي جو ڪم ڪري پنھنجي گھر جو گذر سفر ڪندا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.