مڪلي ، موهن جو دڙو ۽ ڀنڀور کي جلد بحال ڪيو ويندو: ذوالفقار علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي تعليمي،  سائنسي ۽ ثقافتي اداري يونيسڪو جي سهڪار سان تاريخي ماڳ مڪلي مقبرن، موهن جو دڙو ۽ ڀنڀور کي جلد بحال ڪيو ويندو، جڏهن ته يونيسڪو جي سهڪار سان ڀنڀور جي انڊر واٽر هيريٽيج جي ڳولا واري منصوبي تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي اداري يونيسڪو جي ٻن رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ۾ اٽليءَ جا مشهور آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر ڪرسٽينا ۽ جواد به شامل هئا. ان موقعي تي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت خالد چاچڙ، ايم ڊي ٽوئرزم فياض شاهه، ڊائريڪٽر آرڪيالاجي عبدالفتاح شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ عالمي ورثي قرار ڏنل مڪلي جي تاريخي مقبرن، موهن جي دڙي ۽ ڀنڀور جي هنگامي تحفظ جي منصوبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته ثقافت جي تحفظ لاءِ منصوبي تي ڪم ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا جي نامور ماهرن جون خدمتون به ورتيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.