پئٽرول، ڊيزل ۽ بجلي کانپوءِ سي اين جي به مهانگي، سيلز ٽيڪس ۾ اضافو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي کانپوءِ سي اين جي جي اگهن ۾ به واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. فيڊرل بورڊ آف روينيو سي اين جي تي سيلز ٽيڪس ۾ 11 رپيا 70 پئسا في ڪلو واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ سي اين جي جي قيمت 331 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ريجن 1 لاءِ سيلز ٽيڪس 140 رپين مان وڌائي 200 رپيا ۽ ريجن 2 لاءِ سيلز ٽيڪس 135 رپين مان وڌائي 200 رپيا في ڪلو ڪئي وئي آهي. سي اين جي جي ريجن ون ۾ ريجن ون ۾ خيبرپختونخواه، بلوچستان، راولپنڊي، اسلام آباد، گوجر خان، جڏهن ته ريجن 2 ۾ سنڌ، پوٽوهار ۽ پنجاب جا ٻيا علائقا شامل آهن. سڄي ملڪ ۾ سي اين جي تي 200 رپيا في ڪلوگرام جي حساب سان 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ سي اين جي تي 36 رپيا في ڪلو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳ ۾ سي اين جي تي گهٽ ۾ گهٽ سيلز ٽيڪس 24.30 رپيا في ڪلو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.