ڪروڙين رپيا واڌو بجلي بل ورتا وڃن ٿا: وفاقي وزير جو اعتراف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ڪروڙين رپين جي اوور بلنگ ٿي  رهي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته چوري ۾ ملوث ماڻهن کي جيترو احتجاج ڪرڻو آهي، ڪن. اسان تي ڪو فرق نه پوندو. هن چيو ته اسانکي يقين آهي ته اسان جي ادارن ۾ 20 سيڪڙو ماڻهو بجلي چوري ۾ ملوث آهن. اهي باقي 80 سيڪڙو ماڻهن کي پنهنجي بچاءَ لاءِ استعمال ڪن ٿا، جنهن کي ادارو برداشت نه ٿو ڪري سگهي. 20 سيڪڙو چوري جو فائدو کڻندڙ ماڻهو، آفيسر، لائين مين، ميٽر ريڊرن ۽ بجلي چوري ڪندڙ واهپيدارن جو ٻار پاڪستان نه ٿو کڻي سگهي. اويس لغاري چيو ته ايترا ماڻهو عوام جي ٻيڙي ٻڏي رهيا آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته چوري ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن چيو ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ  ڪمپنيون هڪ مهيني اندر سڌيون ٿي وڃن، نه ته اهڙن آفيسرن کي انڪوائري ڪري نوڪرين مان برطرف ڪري سگهون ٿا. پاور سيڪٽر ۾ 500 ارب رپين کان وڌيڪ جو خسارو آهي

  • اڊيالا جيل ۾عمران خان سميت ٻين قيدين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) گهرو وزارت پي ٽي آءِ باني جي اڊيالا جيل ۾ سيڪيورٽي جي فراهمي واري ڪيس ۾ عدالت کي ٻڌايو ته اڊيالا  جيل تي دهشتگرد حملي جا اطلاع آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گهرو وزارت طرفان پي ٽي آءِ باني کي سيڪيورٽي فراهمي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. گهرو وزارت طرفان اڳوڻي وزيراعظم کي سيڪيورٽي جي فراهمي بابت جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سرحد پار کان دهشتگردي جو خطرو آهي، معاملو سنجيده آهي، وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته عمران خان سميت سمورن قيدين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي. عدالت درخواست کي اڪلائيندي حڪم جاري ڪيو ته جيل اندر توڙي ٻاهر سيڪيورٽي جا فل پروف انتظام ڪيا وڃن.

  • ايران اسرائيل جي ايٽمي پلانٽ کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب ويو: اسرائيلي اخبار

تل ابيب(م ڊ) اسرائيلي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ڇنڇر جي رات ميزائل ۽ ڊرون حملي ۾ اسرائيل جي ڊيمونا ايٽمي ري ايڪٽر کي سڌو سنئون نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اسرائيلي اخبار جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج جي ايئر ڊفينس سسٽم ايران جي  99 سيڪڙو نه پر 84 سيڪڙو هٿيارن کي روڪيو. اخبار جو چوڻ آهي ته سيٽلائيٽ تصويرن موجب هڪ حملو سڌو ڊائمونا ري ايڪٽر تي هو جڏهن ته ٻه حملا ٻنهي طرفن کان ٿيا. ان کان سواءِ 4 ايراني ميزائل نيگيف ريگستان ۾ اسرائيلي فوجي بيس تي ڪريا، بيس ۾ ڪرايل ايراني ميزائل جو ملبو مليو، جڏهن ته اسرائيلي دفاعي نظام جي انٽرسيپٽر ميزائل جا ڪي به آثار نه مليا.

  • عدالتن ۾ ججن جي خالي جاين تي مقرري ترجيح آهي: چيف جسٽس

لاهور (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي ججن لاءِ خالي جاين تي مقرريون ترجيح ۾ شامل آهن. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ سپريم ڪورٽ بار سان ڳالهائيندي چيف جسٽس چيو خواهش آهي ته سپريم ڪورٽ مڪمل ٿي وڃي، ججن جي ڀرتين کان پهريان هاءِ ڪورٽن جي اصولن ۾ ترميمون ضروري آهن، انهن ترميمن لاءِ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽس صاحبن کي گذارش آهي ته ججن جو انگ مڪمل ڪن. قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ججن جي مقرري هاڻوڪي طريقي ڪار سان ڪجي يا نئين اصول موجب اس تي ڌرين سان ڳالهيون ڪنداسين، ٽيڪنالاجي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرين جو معاملو محدود ڪري ڇڏيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ ڪا به بينچ هڪ هفتي کان گهٽ نه هجي. سندس چوڻ هو ته ڏسڻو اهو آهي ته ويڊيو لنڪ رکجي يا رجسٽري ٻنهي کي گڏجي کڻي هلجي، بار ۽ بينچ مختلف نه پر هڪ آهن، سدائين بار جي چونڊيل نمائندن کي ترجيح ڏني، رجسٽري تي بينچ ٺاهڻ جي عمل جي شروعات لاهور کان ڪئي، ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ رجسٽرين لاءِ وينداسين.

  • ڪانٽريڪٽ وارن ملازمن کي ريگولر ڪرڻ بابت ٻڌڻي، سنڌ حڪومت کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ ڪانٽريڪٽ ۽ ايڊهاڪ وارن سرڪاري ملازمن کي ريگولر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 8 مئي تي جواب طلب ڪري ورتوآهي .2103ع ۾ سنڌ حڪومت 1 کان 18 گريڊ جي ڪانٽريڪٽ ۽ ايڊهاڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو قانون ٺاهيو.قانون ٺهڻ کان پوءِ 13000 کان وڌيڪ  ملازمن کي مستقل ڪيو ويو هو.7هزار ملازمن کي اڃا تائين مستقل نه ڪيو ويو هو ان کان اڳ قانون کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو.

  • رپئي جي اگهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اميد ناهي: محمد اورنگزيب

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي نشرياتي اداري بلومبرگ جي رپورٽ موجب ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ  سان ڳالهين ۾ حڪومت کي رپئي جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اميد ناهي. ٻئي طرف ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جِي آمريڪا جَي ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن بابت پرڏيهي وزير ڊونلڊ لـُو ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي جَي پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري اليزبيٿ هورسٽ سان ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪ، آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ واشنگٽن جَي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اها ملاقات ورلڊ بينڪ هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿي، جتي پرڏيهي وزير آمريڪي عهديدارن کي پاڪستان جَي سڌارن بابت ايجنڊا تي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ متبادل توانائي، زراعت، آب هوا ۽ ٽيڪ انڊسٽري جي معاملن تي به ڳالهيون ٿيون،

  • حافظ نعيم جماعت اسلامي امير جو حلف کڻي ورتو

لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي تازو چونڊيل امير حافظ نعيم جماعت اسلامي امير جو حلف کڻي ورتو آهي. جماعت اسلامي هر  پنجن سالن بعد نئون امير چونڊيندي آهي. ان کان اڳ سراج الحق 10 سالن تائين مسلسل ٻه ڀيرا جماعت اسلامي جو امير رهيو.جماعت اسلامي پاڪستان جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب نون چونڊيل امير جماعت اسلامي حافظ نعيم اڄ حلف کڻڻ بابت آگاهي ڏني. جڏهن ته تقريب جماعت اسلامي جي هيڊڪوارٽر منصوره لاهور ۾ ٿي. جڏهن ته مرڪزي مجلس شوريٰ جو اجلاس 19 کان 21 اپريل تائين منصوره ۾ ٿيندو. تقريب کي خطاب ڪندي حافظ نعيم چيو ته جماعت اسلامي 83 سالن کان وڏي جدوجهد ڪري رهي آهي، غريبن کي تباهه ڪندڙ طاقتور مافيا کي روڪڻو پوندو، سازشن ذريعي اقتدار حاصل نه ڪنداسين، اسان موجوده صورتحال کي ڏسي رهيا آهيون.

  • ڪراچي ۾ شهرين کان چوري ۽ ڦر ٿيل 18 کان وڌيڪ گاڏيون مالڪن حوالي

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڦرلٽ جا واقعا وڌي ويا آهن ۽ شهرين کان نقدي، موبائيل، گاڏيون ڦرڻ جا واقعا معمول بڻيل آهن پر ان حوالي سان هڪ خوشخبري به آهي. ڪراچي جي شهرين کان 18 چوري ٿيل يا چوري ٿيل گاڏيون هٿ ڪيون ويون آهن ۽ اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل 21 ڏينهن ۾ اهي سموريون گاڏيون هٿ ڪري ورتيون آهن ۽ ايس ايس پي عارف اسلم رائو پاڻ مالڪن حوالي ڪري ڇڏيون آهن. ان حوالي سان ايس ايس پي اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل عارف اسلم رائو جو چوڻ آهي ته هٿ آيل گاڏيون مختلف واقعن ۾ شهرين کان ڦر يا چوري ڪيون ويون آهن ۽ متاثر شهري پنهنجيون گاڏيون واپس وٺڻ تي خوش آهن. عارف رائو وڌيڪ ٻڌايو ته هٿ آيل گاڏين ۾ ڪرولا، آلٽو، ڪلٽس ۽ مزدا ٽرڪون شامل آهن، جيڪي ٽن هفتن دوران مختلف ڪاررواين ۾ هٿ ڪيون ويون، انهن گاڏين جي مالڪن کي اي وي ايل سي ۾ ملاقات لاءِ مدعو ڪري گاڏيون واپس ڪيون ويون.

  • گورنر سنڌ پاران ايراني صدر کي اعزازي ڊگري ڏيڻ لاءِ ڪراچي يونيورسٽي کي سفارش

ڪراچي(رپورٽر )ڪراچي يونيورسٽي ايراني صدر  ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي اعزازي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏيندي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. جنهن بعد ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خالد محمود عراقي سڀاڻي سنڊيڪيٽ جو خاص اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. سنڊيڪيٽ اجلاس ۾ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي باضابطه منظوري ڏني ويندي.

  • صدر پشاور ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز  جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ)صدر آصف علي زرداري پشاور ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس  صاحبان جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، واري وزارت جسٽس اشتياق ابراهيم کي بطور چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، صدر مملڪت بلوچستا هاءِ ڪورٽ جي لاءِ چيف جسٽس طور هاشم خان ڪاڪڙ جي نالي جي منظورڏني آهي، جاري جنهن بعد قانون واري وزارت جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي بطور چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرري جو به نوٽيفڪيشن ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.