پ پ اڳواڻ قادر پٽيل جي ڪاميابي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي تڪ اين اي 243 ۾ ڌانڌلي جو الزام، سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار شجاعت علي خان پيپلز پارٽي  جي قادر پٽيل جي ڪاميابي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي .درخواستگذار شجاعت علي خان چيو ته فارم 45 موجب مان 22 هزار کان وڌيڪ ووٽن جي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو آهيان، ان کان پوءِ به مون کي وڌيڪ ووٽ مليا پر مينيج ڪري مون کي شڪست ڏياري وئي، شجاعت علي خان چيو ته فارم 47 موجب پ پ اميدوار قادر پٽيل کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، شجاعت علي خان عدالت کي درخواست ڪئي ته ڌانڌلي جي جاچ ڪرائي وڃي.پ پ اڳواڻ قادر پٽيل جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي .سنڌ هاءِ ڪورٽ قادر پٽيل، اليڪشن ڪميشن، رٽرننگ آفيسر ۽ ٻين کي 7 مئي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.