ڪراچي نادرن باءِ پاس وٽ ڦر مزاحمت تي ڳوٺاڻو قتل، وارثن جو ڌرڻو

ملير (ڊ ر)ملير جي علائقي نادرن باءِ پاس وٽ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي حاجي بيرو بروهي ڳوٺ جي رهواسي نوجوان نور محمد عرف ملنگ بروهي کي موٽر سائيڪل سوار ڦورو گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، واقعي بعد مقتول ڳوٺاڻي جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن نادرن باءِ پاس تي لاش رکي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻي ۾ ايم پي اي محمد يوسف مرتضيٰ بلوچ پهتو جنهن جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.