ڇهن ججن جي خط جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل

سلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خطن تي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت هاءِ ڪورٽ جي ججن جي روشني ۾ شفاف جاچ ڪرائي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار طرفان استدعا ڪئي وئي آهي ته شفاف جاچ کانپوءِ عدليا کي هيٺانهون ڏيکاريندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
بار طرفان استدعا ڪئي وئي آهي ته معاملو جڊيشل ڪائونسل بابت هجي ته عدالت ڪائونسل کي جائزي لاءِ سفارشون موڪلي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار درخاوست ۾ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن خط ۾ سنگين نوعيت جا واقعا بيان ڪيا آهن.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عدليا جي آزادي آئين جي بنياد ۽ انصافي جي فراهمي جو واحد ذريعو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.