پٽ ارباز خان تي ويو آهي، غير پرڪشش آهي: ملائڪا اروڙا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ۽ ناچڻي ملائڪا اروڙا خان پنهنجي پٽ ارهان خان جي پيءُ اداڪار ۽ فلمساز ارباز خان جهڙو ”غير پرڪشش“ قرار ڏنو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ملائيڪا اروڙا پنهنجي پٽ ارهان خان جي شو ۾ مهمان جي طور تي شرڪت ڪئي، شو جي دوران ملائڪا اروڙا پنهنجي اڳوڻي مڙس بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي جڏهن ته اهڙيون ڳالهيون ڪيون جنهن تي ڀارت ۾ ماءَ پٽ تي تنقيد جاري آهي.

رپورٽس موجب اداڪارا ملائڪا اروڙا خان ڳالهائيندي چيو ته ارهان خان پيءُ جيان منصف آهي ۽ انصاف پسند آهي، هن ڳالهه جاري رکندي چيو ته هوءَ حيران ٿيندي آهي ته سندس پٽ هوبهو پيءُ تي ويو آهي، هو پيءُ جيان غير پرڪشش نظر ايندو آهي.

اداڪارا چيو ته پٽ بلڪل پيءُ جهڙو آهي جنهن کي ناهي خبر ته ڪڏهن اٿڻو آهي، ڇا پائڻو آهي ۽ ڇا کائڻو آهي جنهن تي ارهان ماءُ کي جواب ڏيندي چيو ته سندس روٽين ته پهريون کان گھڻي بهتر آهي. ان ڳالهه تي ملائڪا اروڙا خان سڄو ڪريڊٽ پاڻ کڻندي ٻڌايو ته سندس روٽين ان لاءِ سٺي آهي جو کيس ملائڪا جهڙي ماءُ ملي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.