يوٽيليٽي اسٽورن تي وزيراعظم رليف پئڪيج جاري رکجي يا نه؟ فيصلو ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت يوٽيليٽي اسٽورن تي رمضان پئڪيج جاري رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، وزيراعظم ريليف پئڪيج ذريعي 5 بنيادي شين تي سبسڊي برقرار رکي ويندي، جنهن ۾ بي آءِ ايس پي پروگرام ۾ رجسٽرڊ ماڻهن کي کنڊ، اٽي، گيهه، دالن سميت چانورن تي سبسڊي ملندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته يوٽيليٽي اسٽورن تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مستحق ماڻهن لاءِ کنڊ 109 رپيا في ڪلو جڏهن ته اٽي جي ڏهن ڪلن واري ٿيهلي 648 رپين ۾ دستياب هوندي، گيهه 393 رپيا ڪلو ملندو، دالن ۽ چانورن تي به 25 رپيا سبسڊي ڏني ويندي.
ذريعن موجب، يوٽيليٽي اسٽورن تي وزيراعظم پئڪيج جون تائين جاري رکڻ جو پلان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيڪيج ذريعي هر مهيني 3 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي جڏهن ته ايندڙ مالي سال لاءِ پئڪيج جاري رکڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.