“ گنڊاپور جي شڪل ئي ٽِڪ ٽاڪرن جهڙي آهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي ٽِڪ ٽاڪر قرار ڏئي ڇڏيو.
وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز جي بابت ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي بيان تي ردعمل ڏيندي عظميٰ بخاريءَ چيو ته گنڊاپور وڏو وزير نه پر ٽڪ ٽاڪر ئي لڳندو آهي.
هن چيو ته علي امين کي مريم نواز جي ڪاپي ڪندي شرم اچڻ گهرجي، مريم جيڪو چيو ان تي عمل ڪري ڏيکاريو آهي.
بئريسٽر سيف کي مخاطب ڪندي هن چيو ته اوهان ڇا اوهان کي ياد ناهي ته 2015ع ۾ نواز شريف صحت ڪارڊ متعارف ڪرايو هو، توهان ته ڀنگ جون فيڪٽريون لڳايون هيون.
ياد رهي ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير گذريل ڏينهن مريم نواز کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو هو ته هوءَ ٽڪ ٽاڪر وزير اعليٰ آهي ۽ سندس ڪارڪردگي ٽڪ ٽاڪ لاءِ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.