روزي ۽ نماز جا فرض پابندي سان پورا ڪندي آهيان: نورا فتيحي

ڪينيڊا ڄائي مراڪشي بالي ووڊ ڊانسر ۽ اداڪارا نورا فتيحي انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ 14 سالن جي عمر کان پابنديءَ سان روزا رکندي آهي جڏهن ته نماز به پڙهندي آهي.

نورا فتيحي جي ننڍي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جيڪا ڪجهه ڏينهن پراڻي آهي. رمضان بابت ڳالهائيندي اداڪارا انڪشاف ڪيو ته هوءَ پابندي سان روزا رکندي آهي ۽ نماز پڙهندي آهي. هن چيو ته جڏهن کان هوءَ بالغ ٿي آهي يعني 14 سالن جي عمر کان هوءَ روزا ۽ نماز جا فرض ادا ڪندي آهي.

اداڪارا ٻڌايو ته روزا ڪنهن به ڪم کان ناهن روڪيندا، اها اهڙي ذميواري آهي جيڪا ٻين ڪمن سان گڏ پوري ٿي سگهي ٿي. روزي ۾ ماڻهو پنهنجو ڪم ۽ نوڪري ڪري سگهي ٿو.

نماز بابت سوال جي جواب ۾ هن انڪشاف ڪيو ته هوءَ نماز پابندي سان پڙهندي آهي. هن مثال ڏيندي ٻڌايو ته نماز ايئن آهي جيئن ڪو ماڻهو سڪون وٺڻ لاءِ مراقبو ڪري يا ايڪسرسائز ڪري. هن چيو ته ايئن به ناهي ته مراقبو ۽ نماز هڪ جهڙا آهن. نماز بلڪل منفرد آهي پر نماز سان روحاني سڪون ملندو آهي ۽ خدا سان رابطو بهترين ٿيندو آهي.

ڊانسر چيو ته نماز پڙهڻ سان هر مانهو خدا سان ڳالهائي سگهندو آهي، پنهنجي ضرورتن بابت دعا گهرندو آهي ۽ روحاني سڪون حاصل ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.