9 مئي ڪيس منطقي انجام تي پهچندا: عطا تارڙ

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جو ڪيس جلد پنهنجي منطقي انجام تائين پهچندو. اسلام آباد ۾ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان اسٽريٽجڪ لحاظ کان ايٽمي  رياست آهي، دوست ملڪ پاڪستان سان جنهن سنجيدگيءَ سان معاملن تي ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اهو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ نئون باب آهي. هن چيو ته ايٽمي رياست ٿيڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، حڪومت ايندي ئي معيشت جي حوالي سان هاڪاري خبرون سامهون اچي رهيون آهن. وفاقي وزير چيو ته بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون اجلاس ناڪام رهيو. جيڪا تقرير ڪئي وئي ته اها ڪمپني نه هلندي. انتشار تحريڪ جا  پاڻ ۾ اختلاف آهن، هو اپوزيشن اتحاد جو ڇا ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.