ڌرڻي جي ماسٽر مائنڊ جنرل فيض کي ڪلين چٽ ڏني وئي: مصدق ملڪ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته هو فيض آباد ڌرڻي واري ڪميشن رپورٽ سان اتفاق نٿو ڪري. نجي ٽي ويپروگرام ”لائيو وٿ نديم ملڪ“ ۾ ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته جيڪڏهن احتجاج ڪرڻ وارن کي روڪيو وڃي ته به حڪومت جو ڏوهه ۽ نه روڪيو وڃي تڏهن به ڏوهه حڪومت جو. هن چيو سڀني کي خبر آهي ته فيض آباد ڌرڻي پويان ڪير هو، اڳوڻو وزيراعظم به ڪيترائي ڀيرا ان جو نالو عوامي جلسن ۾ کڻي چڪو آهي، رپورٽ کي پبلڪ ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي خبر پئجي سگهي ته فيض آباد ڌرڻي ۾ ڇا ٿيو هو. مصدق ملڪ ڪميشن جي رپورٽ ۾ تڏهوڪي پنجاب جي وڏي وزير ۽ هاڻوڪي وزيراعظم کي ڏوهي/ذميوار قرار ڏيڻ جي به مخالفت ڪئي. هن الزام مڙهيو ته جنرل (ر) فيض احمد ڌرڻي جو ماسٽر مائينڊ هو پر ان کي ڪلين چٽ ڏني وئي آهي. پروگرام ۾ ڳالهائيندي پي آءِ ٽي اڳواڻ شيخ وقاص چيو ته رپورٽ کي منظر عام تي آندو وڃي ۽ ان جي روشني ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.