فيض آباد ڌرڻي ۾ اڳوڻا جنرل ملوث هجڻ جا ثبوت ناهن: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هن وٽ ڪي به ثبوت ناهن ته اڳوڻا جنرلز قمر جاويد باجوه يا فيض  حميد فيض آباد ڌرڻي پويان هئا. نجي ٽي وي پروگرام ۾ فيض آباد ڌرڻي ڪميشن تي ردعمل ڏيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته کيس به ڪميشن سوالن جوابن لاءِ گهرايو هو پر ڪي به ثبوت اهڙا ناهن، جن جي ڪري ادارن جي ملوث هجڻ بابت چئي سگهجي. هن چيو ته کيس ڏنل سوالنامو فيض آباد ڌرڻي بابت نه هو، ڏنل سوالنامي ۾ فيض آباد ڌرڻي بابت ڪي خاص سوال نه هئا. سندس چوڻ هو ته ”ٽرٿ“ ڪميشن جوڙي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن، وزيراعظم طور وٽس ان وقت ڪو اهڙو ثبوت نه هو، جنهن سان خبر پئجي سگهي ته ادارا ان ۾ ملوث آهن. شاهد خاقان عباسي چيو ته هو بنا ثبوتن جي ڪنهن تي به الزام نٿو مڙهي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.