اختيارن جي ناجائز استعمال تي جنرل(ر) فيض حميد خلاف جاچ شروع

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪ فوج ۾ خوداحتسابي جو عمل،اختيارن جي ناجائز استعمال تي آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد خلاف جاچ شروع ٿي وئي آهي، فيض حميد خلاف انڪوائري ڪميٽي ميجر جنرل جي سربراهي ۾ قائم ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب انڪوائري ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ الزامن جي جاچ ڪندي،آءِ ايس  آءِ جي اڳوڻي سربراهه خلاف نجي هائوسنگ ٽاپ سٽي جي مالڪ قمر معيد سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني هئي ته جنرل فيض حميد جڏهن آءِ ايس آءِ جو سربراهه هو تڏهن هن سندس نجي هائوسنگ سوسائٽي تي قبضي خلاف هن تي دٻاءُ وڌو هو ،هن کي گرفتار ڪيو ويو،ڇاپي دوران هن جي گهر جي تلاشي ورتي وئي ۽ گهر مان زيور ۽ ڪيش رقم کنئي وئي،چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ قرار ڏنو هو ته اهو 184 جو ڪيس نٿو بڻجي،ان حوالي سان دفاع وزارت سان رابطو ڪريو جنهن بعد قمر معيد دفاع واري وزارت سان رابطو ڪيو هو،هاڻي باضابطا جاچ ڪميٽي بڻائي وئي آهي،فيض حميد پنجاب رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ جي آفيسرن کي استعمال ڪري قمر معيز کي اغوا ڪيو ۽ سندس گهر مان ڦرلٽ ڪئي وئي،ڏنل درخواست ۾ قمر معيز چيو ته آءِ ايس آءِ جي آفيسر برگيڊيئر ارتضيٰ منهنجي 8 سالن جي پٽ جي منهن تي بوٽ رکي سندس هٿ ۾ پاتل گيجٽ لاهرائي ورتو،اهو واقعو ته مان سڄي زندگي نه وساري سگهندس، هن چيو ته گهروارن کي تحويل ۾ ورتو ويو،درخواست گذار ۽ سندس ملازمن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، قمر معيز جي 12 مئي 2017ع جي درخواست موجب جنرل فيض حميد جي ماڻهن جن ۾ برگيڊيئر نعيم فخر، آءِ ايس آءِ جي آفيسر ارتضيٰ هارون،فيض حميد جي ڀاءُ سردار نجف،انهن جي پارٽنر وسيم تابش،زاهد محمود ملڪ ۽ محمد منير شامل هئا جيڪي غيرقانوني طور منهنجي سوسائٽي جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهين پيا،منهنجي گهر مان آءِ ايس آءِ ۽ رينجرز جا اهلڪار 400 تولا سون،هڪ وڏي ڪيش جي رقم،چار ريوو گاڏيون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا هئا، مون کي 5 ڏينهن راولپنڊي جي حراستي مرڪز ۾ رکيو ويو مون تي سخت تشدد ڪيو ويو،هن لکيو ته مان جنرل فيض حميد جي دٻاءُ ۾ جڏهن نه اچي سگهيس ته مون کي سي ٽي ڊي حوالي ڪيو ويو،45 ڏينهن قيد ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا،انهن سڀني الزامن مان بري ٿيس ان بعد وسيم تابش ذريعي جنرل فيض جي ڀاءُ سردار نجف مون سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته منهنجي گهر تي ڇاپي ۾ جنرل فيض ملوث ناهي، جنهن بعد جنرل فيض ڪجهه لٽيل سامان واپس ڪيو پر 400 تولا سون ۽ وڏي ڪيش رقم ڏيڻ کان انڪار ڪيو هن چيو ته ان کانپوءِ آءِ ايس آءِ جا ٻه آفيسر مون کان چار ڪروڙ ڪيش وٺي ويا، مون کي آءِ ايس آءِ جي پراجيڪٽس ۾ سيڙپڪاري لاءِ چيو ويو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.