سعودي وفد نيلام ٿيندڙ شيون وٺڻ لاءِ پاڪستان آيو: ساجد تارڙ

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان ڄائي آمريڪي سياستدان ۽ ريپبلڪن پارٽي جي اڳواڻ ساجد تارڙ چيو آھي ته سعودي پرڏيهي وزير جي اڳواڻي ۾ آيل وفد واپاري وفد نه آھي پر اهو وفد پاڪستان جون نيلام ٿيندڙ شيون خريد ڪرڻ آيو آھي هو هڪ صوبو گهرندا ته هي کين ٻه پيش ڪندا، اهڙو اظھار هن ڊاڪٽر قمر چيما جي شو ۾ ڳالهائيندي ڪيو، ساجد تارڙ چيو ته اهڙي وقت ۾ پاڪستان جو ناڻي وارو وزير اورنگزيب واشنگٽن ۾ آئي ايم ايف آڏو گوڏا کوڙيو ويٺو آھي ان لاءِ  ان وفد سان پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڳالهائي رهيو آھي، هن چيو ته اهو تجارتي وفد هجي ها ته ان ۾ زراعت، معدنيات ۽ توانائي وارا وزير ڇو آيا آھن، سعودي عرب جي وفد سان پاڪستان کي پيرن تي بيهارڻ، توانائي ۾ پاڻ ڀرو ڪرڻ بدران ملڪ کي وڪرو ڪرڻ جي ڳالهھ ٿي رهي آھي، هن چيو ته هي حڪمران پيشيور ڦورو ۽ گداگر آھن هنن کي ماڻھن جو رت چوسڻ جي عادت پئجي وئي آھي هن جنرل ضيا جي دور کان آمريڪا کي لٽيو ۽ ڦريو پر انهن مان هڪ ڊالر به پاڪستان ۾ نه آھي، سڄو لنڊن ۽ دبئي هنن دهشتگردي جي پيسن مان خريد ڪيو آھي،هن چيو ته طاقتورن جو بيان آيو آھي ته اسٽيبلشمينٽ جي خلاف جيڪو پروپيگنڊا ڪندو ان سان سختي سان منهن ڏنو ويندو اها سٺي ڳالھ آھي پر جيڪي يونيفارم پهري غزوه بهاول نگر ڪرڻ ويا انهن جو به احتساب ڪيو وڃي اوهان پاڪستان کي ڊجيٽلائيز ڇو نه ٿا ڪريو۔ اوهان واپار بجاء سمگلنگ ۽ ڪرپشن جاري رکڻ ٿا چاهيو،  حڪمران ٻڌائين ته آمريڪا، آئي ايم ايف ۽ سي پيڪ جا پيسا ڪيڏانهن ويا؟ ٺيڪيدار، بيوڪريٽ ۽ سياستدان گڏجي پيسا کائي ويا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.