ڪي پي ۾ ماني پنجاب کان سستي، مريم ٽڪ ٽاڪر وزير اعليٰ آهي: گنڊاپور

اسلام آباد(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان تي سخت تنقيد ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ جڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته فضل الرحمان جو گهر ۾ ووٽ ناهي، ڊي آءِ خان ۾ ماڻهن کي گرفتار ڪري جي يو آءِ ۾ شامل ڪيو ويو، منهنجو ورڪر به فضل الرحمان کي شڪست ڏيندو. هن دعويٰ ڪئي ته مولانا فضل الرحمان جي ڪاوڙ رڳو پنهنجو اگهه لڳائڻ لاءِ آهي، مولانا گورنري، ڪشمير ڪميٽي يا مال تي سودو ڪندو. هن چيو ته پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز جي سموري ڪارڪردگي ٽڪ ٽاڪ لاءِ آهي، خيبرپختونخواهه ۾ مانيءَ جو اگهه پنجاب کان به گهٽ آهي، جيڪڏهن اگهه تي عمل ڪرائي سگهياسين ته گهر هليا وينداسين. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو مينڊيٽ چوري ٿيو،  8 فيبروري تي عوام اشارو ڏئي ڇڏيو، لنڊن پلان وارا تجربا نه ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.