ڪراچي جي اين آءِ سي ايڇ ۾ وڏي انگ ۾ٻارڙا داخل، بسترن جي کوٽ

ڪراچي (م ڊ)ڪراچي جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (اين آءِ سي ايڇ) ۾ ٻن ڏينهن کان وڏي انگ ۾ ٻارن کي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن سبب بيمار ٻارن لاءِ بسترن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.بسترن جي کوٽ سبب ايمرجنسي ۽ وارڊن ۾ هڪ ئي بيڊ تي 4 کان 5 ٻارڙا علاج هيٺ آهن. ڊائريڪٽر اين آءِ سي ايڇ ڊاڪٽر ناصر موجب اسپتال ۾ 2 ڏينهن کان وڏي انگ ۾ ٻارڙا داخل ٿيا آهن. رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي ته ٻارڙا ڪهڙين بيمارين ۾ مبتلا ٿي اچي رهيا آهن، ڊاڪٽر ناصر موجب ٻين اسپتالن مان ريفر ٿي ايندڙ مريض ٻارڙن سبب بسترين جي کوٽ پيدا ٿي آهي، ڊاڪٽر ناصر جو چوڻ هو ته هو اسپتال بابت جلد رپورٽ صحت واري سيڪريٽري ۽ صوبائي وزير کي موڪلينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.