سنڌ سرڪار پاران حيسڪو،سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي اووربلنگ تي ڪاوڙ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفن کي اوور بلنگ  جاري ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. اڄ توانائي کاتي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو فوري طور تي حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي لاڳاپيل آفيسرن سان اوور بلنگ جي حوالي سان ملاقات ڪن ۽ صارفين کي جاري ڪيل اضافي بلن جي رقمن  جي واپسي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ان کان علاوه سرڪاري ۽ غير سرڪاري صارفين کان ڊجيٽل ميٽر لڳائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ کي يقيني بڻايو وڃي جن کان ڊجيٽل ميٽر لڳائڻ لاءِ فيس ورتي وئي آهي. سيد ناصرحسين شاهه چيو ته ڪنهن به اداري کي عوام جي محنت جي ڪمائي اهڙي طرح لٽڻ جي اجازت هرگز نٿي ڏئي سگهجي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن مطابق سنڌ حڪومت عوام کي هر قسم جي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.