پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي(رپورٽر)سکر جي سنگرار شھر مان اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو سول سوسائٽي پاران احتجاج ڪيو  ويو. احتجاج جي اڳواڻي ايم پي اي سورٺ ٿيٻو، مرڪ منان چانڊيو، صحافي خدا ڏنو شاھ، وڪيل مھيش ڪمار، وڪيل ڪانجي ڀيل، درشن سچڏيو ۽ ٻين ڪئي. مظاھرين پاران ھٿن ۾ پريا ڪماري جون تصويرون کڻي احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٽي سال اڳ پريا ڪماري کي محرم الحرام دوران سبيل پياريندي اغوا ڪيو ويو ھو، جنھن کي اڃان تائين بازياب ناھي ڪرايو ويو. ھنن مطالبو ڪيو تھ معصوم پريا ڪماري کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.