ارسا فقط پنجاب جي نمائندگي ڪندڙ ادارو بڻجي ويو آهي

حيدرآباد (پ ر) پاڻيءَ جي چوري سبب سنڌ 90 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. سنڌ جا هاري ۽ آبادگار پاڻيءَ لاءِ واجهائي رهيا  آهن، مٿان وري پنجاب ۾ چار نوان ڌاڙيل ڪينال ۽ بيراج ٺاهي سنڌ جو پاڻي مڪمل طور بند ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار. مرڪزي نائب صدر حورالنساءَ پليجو، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر سعيد ميمڻ ۽ قادر ڀٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته سنڌو درياهه کي نيست ۽ نابود ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، هن وقت ارسا ۾ پنجاب جي اڪثريت آهي تنهنڪري ارسا وفاق بدران فقط پنجاب جي نمائندگي ڪندڙ ادارو بڻجي ويو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياءَ کي زنده جيوت قرار ڏئي درياءَ جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. سمورا ڌاڙيل واھ ۽ ڪئنال بند ڪيا وڃن. هنن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي ڊرامي بازي بدران سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيارڻ لاءِ سمورا آئيني فورم استعمال ڪري. چشما_جهلم  ۽ تونسا_پنجد لنڪ ڪئنال کي هميشه لاءِ بند ڪرائڻ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل غير آئيني ترميم خلاف پيپلزپارٽي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌ اسيمبلي مان به قرارداد منظور ڪرائي. ان سان گڏ ٽه رخي فارمولي خلاف به قرارداد منظور ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.