افغانستان مان پاڪستان داخل ٿيندڙ7 دهشت گرد مارجي ويا

راولپنڊي (م ڊ) سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ پاڪ افغان سرحد تان دهشتگردن جي سرحد ٽپڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جڏهن ته  فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ضلعي غلام خان جي علائقي اسپنڪئي ۾ 7 دهشتگردن جي هڪ گروپ پاڪ افغان سرحد کان ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي پاڪ فوج ناڪام بڻائي ڇڏيو.  فورسز جي بيان موجب، سڪيورٽي فورسز سرحد ٽپڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن کي گهيري ورتو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار، بارودي مواد ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.جاري ڪيل بيان ۾وڌيڪ  چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.