آءِ ايم ايف پاران صوبائي خرچن ۾ شفافيت آڻڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙيون ايف بي آر حوالي ڪرڻ جو مطالبو

واشنگٽن (م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي چيو آهي ته نئين پروگرام ۾ صوبن جي خرچن ۾ شفافيت آڻڻ سميت صوبائي ٽيڪس وصولي جا اختيار ايف بي آر کي ڏنا وڃن. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف نئين پروگرام ۾ صوبن جي خرچن ۾ شفافيت جو مطالبو ڪيو آهي،  ان حوالي سان نيون تجويزون طلب ڪيون ويون آهن، ذريعن موجب آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ۽ صوبائي بجيٽ کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، ان حوالي سان صوبائي حڪومتن جي ترقياتي بجيٽ جي درست استعمال بابت نئين تجويز تيار ڪئي پئي وڃي، ته جيئن بجيٽ ڊيجيٽلائزيشن سان آمدني ۽ خرچن جي فرق تي ضابطو آڻي سگهجي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف صوبائي ٽيڪسز جي وصولي جو ڪم ايف بي آر حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته صوبائي اختياريون مختلف سببن جي ڪري مڪمل ٽيڪس وصول نه ڪري سگهيا آهن.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب صوبائي حڪومتون 16 سالن ۾ زرعي انڪم ٽيڪس وصولي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جوڳا طريقي ڪار نه ٺاهي سگهيون آهن، آءِ ايم ايف پاران زرعي شعبي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ سخت دٻاءُ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو خيال آهي ته زرعي شعبي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ سان ٽيڪس روينيو ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو، سموريون صوبائي حڪومتون آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام لاءِ مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهن،ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو خيال آهي ته ايف بي آر وٽ ٽيڪس ڏيندڙن جي مڪمل معلومات آهي، ٻئي پاسي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان وچ اوڀر  ۽ اتر آفريڪا جي وزيرن ۽ گورنرن ملاقات ڪئي،پڌرائي مطابق پاڪستان جي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي، ناڻي واري وزير ملاقات دوران واپار ۽ معاشي سرگرمين جي حوالي سان اثرن تي به ڳالهه ڪئي، محمد اورنگزيب ان موقعي تي پاڪستان کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ آءِ ايم ايف ۽ ٻين بئنڪن جي مدد جو شڪريو ادا ڪيو، هن چيو ته ٽيڪس نيٽ وسيع ڪرڻ ۽ حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جون ڪوششون جاري آهن، حڪومتي سطح تي نجي شعبي کي سهولت فراهم ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.