زرعي ملڪ هجڻ باوجود پنج سالن دوران مهانگي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(م ڊ) آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 2017ع کان 2022ع تائين سرڪاري ادارن طرفان مهانگي ڪڻڪ امپورٽ ڪئي وئي. آڊيٽر جنرل جي سالياني رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو ته نجي شعبي ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) ۽ پاسڪو کان سستي ڪڻڪ امپورٽ ڪئي. سرڪاري کاتن ٽي سي پي ۽ پاسڪو پاران ڪڻڪ جي مهانگي درآمد سبب قومي ناڻي  کي اربين رپين جو نقصان پهتو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ادارن طرفان مهانگي ڪڻڪ جي درآمد سبب قومي ناڻي کي 31.32 ملين ڊالر جو نقصان ٿيو. آڊٽ رپورٽ ۾ سال 2017ع کان 2022ع تائين درآمد ٿيل ڪڻڪ جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. رپورٽ موجب ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان عالمي منڊي ۾ ڪڻڪ جي قيمتن جي ڀيٽ نه ڪئي. ٽي سي پي پاران 274 ڊالر ۽ پاسڪو 282 ڊالر في ميٽرڪ ٽن جڏهن ته خانگي شعبي 250، 255 ۽ 262 ڊالر في ميٽرڪ ٽن جي حساب سان ڪڻڪ امپورٽ ڪئي. مهانگي ڪڻڪ جي درآمد سبب پاڪستان ۾ اٽي جا اگهه وڌي ويا ۽ عام شهري استحصال جو شڪار ٿي ويو ۽ مهانگو اٽو خريد ڪرڻو پيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.