اسلام آباد جي مقامي عدالت پاران بشريٰ بي بي جي معائني جو حڪم

اسلام آباد ( م ڊ )  اسلام آباد جي مقامي عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني اڳوڻي وزيراعظم جي گهرواري بشرا بي بي جو اڄ  تائين شوڪت خانم اسپتال جي ڊاڪٽر کان طبي معائنو ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اڊيالا جيل جي جج ناصر جاويد رانا پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي خلاف 19 ڪروڙ پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ جو باني عمران خان ۽ بشرا بي بي عدالت ۾ پيش ٿيا، نيب طرفان اڄ وڌيڪ 9 شاهد پيش ٿيا، نيب جي مجموعي طور تي 15 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، 13 شاهدن تي جرح پڻ مڪمل ڪئي وئي. عدالت ايندڙ تي وڌيڪ 6 شاهد طلب ڪري ورتا آهن. عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي 19 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

  1. بهاولنگر واقعو ملڪ ۾ جهنگ جي قانون جو ثبوت آهي:بئريسٽر گوهر

اسلام آباد ( م ڊ )  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته بهاولنگر واقعو ملڪ ۾ جهنگ جي قانون جو ثبوت آهي، جهنگ جو بادشاهه  جيڪو چاهيندو آهي،جيئن چاهيندو آهي هو پنهنجي قانون تحت ظلم به ڪندو آهي ۽ معافيون به وٺرائيندو آهي. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيل ٽرائل ۾ عوام ۽ ميڊيا کي پيش ٿيڻ گهرجي، هن غير قانوني ٽرائل کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.هن چيو ته سندس پنهنجن شاهدن اعتراف ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني سبب ڪيس ۾ ڪنهن کي به نقصان نه پهتو، ملڪ ۾ هاڻي جهنگ جو قانون آهي.بئريسٽر گوهر چيو ته هو ميڊيا کي ڪيسن جي ٻڌڻي کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.هن چيو ته القادر ٽرسٽ يونيورسٽي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ اسان پيش ٿيا هئاسين، هن وقت تائين پراسيڪيوشن 14 شاهدن کي آگاهه ڪري چڪو آهي،

  1. سنڌ جي گورنرشپ تي حق ايم ڪيو ايم جو آهي: فاروق ستار

ڪراچي (م ڊ)متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ جي گورنر شپ تي پهريون ۽ آخري حق ايم ڪيو ايم جو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي فاروق ستار  چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جو گورنر ڪامران ٽيسوري آهي، ايم ڪيو ايم گورنر لاءِ ڪامران ٽيسوري کانسواءِ ڪنهن جو نالو ناهي رکيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي گورنر شپ ڪنهن جي به ٿي سگهي ٿي، ايم ڪيو ايم جو ان سان ڪو به تعلق ناهي، سنڌ جي گورنر شپ تي پهريون ۽ آخري حق ايم ڪيو ايم جو آهي. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ سنڌ جي گورنر جي تبديلي جو معاملو سامهون آيو هو، جنهن ۾ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو نالو سنڌ جي گورنر لاءِ گردش ڪري رهيو هو، جيڪو تازو ئي سنڌ جو نگران وڏو وزير به رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.