چيني شهرين جي سلامتي تي سوديبازي نه ٿيندي: وزيراعظم

اسلام آباد ( م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان چين سان دوستانه لاڳاپن ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني سياحن جي سيڪيورٽي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي چيئرمين وو لي جي اڳواڻي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي سرپرستي هيٺ هلندڙ مختلف منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي.ملاقات ۾ شهباز شريف چين سان دوستانه لاڳاپن ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي سمنڊن کان به اونهي ۽ هماليه کان بلند آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين ۽ انهن جي ملازمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به سوديبازي نه ڪنداسين .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.