ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ هوندو يا نه؟ فيصلو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) اسٽار بيٽر ويرات ڪوهليءَ جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ شرڪت بابت سوال اُٿي رهيا هئا، جڏهن ته سندس اسٽرائيڪ ريٽ تي تنقيد پڻ ٿي رهي هئي.
ڪجهه ڏينهن اڳ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل ) ۾ راجسٿان رائلز خلاف ميچ ۾ سست ترين سينچري اسڪور ڪرڻ تي ويرات ڪوهلي تنقيد جي نشاني تي هو.
ان کانسواءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي حوالي سان خبرون گردش ڪري رهيو هيون ته ڪوهلي کي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويندو.
پر هاڻ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ويرات ڪوهلي کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان فيصلو ڪري ورتو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، بي سي سي آءِ جون کان آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شروع ٿيندڙ ميگا ايونٽ لاءِ اسڪواڊ ۾ ويرات ڪوهلي کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪوهلي ورلڊ ڪپ جي حوالي سان سليڪشن ڪميٽي کان وضاحت چاهي پيو ۽ هاڻ ڪپتان روهت شرما، هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ ۽ چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر جي ويهڪ ٿي جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪوهلي ميگا ايونٽ ۾ شرڪت به ڪندو ۽ روهت شرما سان گڏ اوپننگ پڻ ڪندو.
ويرات ڪوهلي پنهنجي ڪيريئر دوران گهڻي قدر ون ڊائون پوزيشن تي بيٽنگ ڪئي آهي پر سندس اوپنر طور به بهترين رڪارڊ آهي.
ڪوهلي نوَ انٽرنيشنل ميچن ۾ 57 جي ايوريج سان چار سئو رنسون ٺاهيون آهن ۽ هو آءِ پي ايل ۾ به رائل چئلينجر بئنگلور لاءِ اننگز جي شروعات ڪندو آهي.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ ٽيمن طرفان حتمي اسڪواڊ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.