افغانستان مان دخل اندازي جي ڪوشش ڪندڙ 7 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغانستان مان پاڪستان ۾ دخل اندازي جي ڪوشش ڪندڙ ست دهشتگرد مارجي ويا.
آئي ايس پي آر موجب افغانستان مان دهشتگردن اسپن ڪئي غلام خان جي علائقي ۾ پاڪستان ۾ دخل اندازي جي ڪوشش ڪئي.
سيڪيورٽي فورسز سمورن دهشتگردن کي گهيري ورتو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سمورا دهشتگرد مارجي ويا.
آئي ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو.
آئي ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪستان عبوري حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته سرحد جي ڀرپاسي اثرائتي بارڊر مينيجمينٽ يقيني بڻائي وڃي، اميد آهي ته عبوري افغان حڪومت پنهنجي ذميوراي پوري ڪندي افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.