وڻ کي ڀاڪر پائڻ جا 1500، انوکو ڪاروبار متعارف

عام طور تي ماڻهو وڻ مان ميوا ۽ ڪاٺ حاصل ڪندا آهن پر ڀارت جي هڪ پارڪ ۾ اهڙو وڻ موجود آهي، جيڪو ماڻهن کي فائدو ڏيڻ بدران ابتو انهن کان پئسا وصول ڪري رهيو آهي.
ڀارت ۾ هڪ اهڙو ڪاروبار هلي پيو آهي، جنهن ۾ وڻ کي رڳو پاڪر پائڻ تي فيس ادا ڪرڻي پوندي.
ايڪس تي هڪ واهپيدار طرفان پوسٽ ۾ لکيو ويو ته ”دي هيلنگ پاور آف فاريسٽس“، اهو به رڳو 1500 ڀارتي رپين ۾.
ان ڪاروبار بابت سوشل ميڊيا ايڊ به موجود آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بينگلور جي هاءِ ڪورٽ ڀرسان ڪبن پارڪ موجود آهي، جتي فاريسٽ باٿنگ جو تجربو توهان کي رڳو 1500 ڀارتي رپين ۾ ڏنو ويندو.
واضح رهي ته بينگلور جي ڪبن پارڪ ۾ ساوڪ ۽ فطرت جي حوالي سان ڌيان ڇڪائيندڙ جايون موجود آهن، جڏهن ته مختلف قسمن جا وڻ به ڌيان حاصل ڪري رهيا آهن.
اتي موجود خاموشي ۽ ڪيترن ئي ڪلو ميٽرن تي پکڙيل اهو پارڪ ذهني سڪون جو ڪارڻ به بڻجي رهيو آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان پوسٽ ۾ جي ايس ٽي به واضح ڪيو ويو آهي، 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو هوندو.
حقيقت ۾ ان پوسٽ جو مقصد انسان جو وڻن ۽ فطرت سان تعارف ۽ ان ذريعي ذهني سڪون حاصل ڪرڻ آهي.
پر ان پوسٽ تي واهپيدارن طرفان سخت ردعمل به سامهون اچي رهيو آهي، واهپيدار ان کي رڳو ڪاروبار جو هڪ ذريعو قرار ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.