نوال سعيد نه ٻڌائي ها متان شعيب ملڪ ٽين شادي ڪري ها: ابرارالحق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور گلوڪار ابرارالحق چيو ته اداڪارا نوال سعيد کي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ پاران ملندڙ ميسيج تي خاموش رهڻ گهرجي ها ٿي سگهي ٿو شعيب ملڪ هن سان ٽين شادي ڪرڻ چاهي ها.

ابرارالحق تازو هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن مختلف معاملن تي ڳالهايو ان جي هڪ ننڍي ڪلپ وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هو نوال سعيد ۽ شعيب ملڪ واري معاملي تي ڳالهائي ٿو. هن چيو ته هو ٻي شادي جو سوچي به نٿو ڇاڪاڻ ته پهرين زال مارڻ جون ڌمڪيون ٿي ڏئي.

هن سجل علي بابت چيو ته هوءَ معصوم اداڪارا آهي ۽ کيس ننڍي ٻار لڳندي آهي. صبا قمر بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اڄوڪي دور جي وڏي اداڪارا صبا قمر آهي. نوال سعيد بابت هن چيو ته کيس ناهي خبر ته هوءَ ڪير آهي؟

ميزبان جي ٻڌائڻ تي ته نوال سعيد تازو ڪرڪيٽرن جي ميسيجز ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي جنهن جو اسڪينڊل به ٺهيو آهي. ان تي ابرارالحق چيو ته کيس شعيب ملڪ جي ميسيج تي پردو وجهڻ گهرجي، خدا به پردي جي ڳالهه ڪئي آهي. هن ڳالهه جاري رکندي چيو ته اسلام ۾ چار شاديون جائز آهن ٿي سگهي ٿو ته شعيب ملڪ ٽين شادي ڪرڻ چاهي پيو.

گلوڪار جي وڊيو وائرل ٿي وئي جنهن تي ماڻهن دلچسپ تبصرا ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.