زمين جي ويجهو سج کان به وڏو بليڪ هول دريافت

ماهرن زمين جي ويجهو هڪ وڏو بليڪ هول ڳولي ورتو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نظام شمسي ۾ جنهن ڪهڪشان ۾ زمين موجود آهي ان کي ملڪي وي چئبو آهي ۽ ان جي گهرائيءَ ۾ پهريون به هڪ بليڪ هول مليو هو. ماهرن موجود اتي مختلف ننڍا بليڪ هول موجود ٿي سگهن ٿا. پر انهن کي ڳولي ناهن سگهيا ۽ جيڪي ڳولي ورتا آهن انهن جو حجم سج کان 10 ڀيرا گھڻو هوندو آهي.

رپورٽ موجب تازو پرڏيهي اسپيس ايجنسي پنهنجي مشن ۾ سج کان 33 ڀيرا وڏي بليڪ هول جي ڳولا ڪري ورتي آهي جيڪو زمين کان 1926 نوري سالن جي فاصلي تي آهي. ماهرن اهڙو مشن تيار ڪرڻ کان اڳ خلا ۾ اهڙيون تبديليون ڏٺيون جنهن مان هڪ وڏي بليڪ هول هجڻ جو خدشو پيدا ٿيو.

هي زمين جي ويجهن بليڪ هولز مان ٻئي نمبر تي موجود آهي ۽ وچ تي خلائي جسم نه هجڻ سبب ان جي تصوير ڪڍڻ ڏکيو آهي.

واضح رهي ته ڪائنات جي راز ۾ وڏو راز بليڪ هول به آهي جنهن کي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ماهر ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن. بليڪ هول کي ڪڏهن هڪ ڪائنات مان ٻي ڪائنات ۾ وڃڻ جو رستو چيو ويندو آهي جڏهن ته ڪي وري ان کي موت جو ڳڙهه چوندا آهن. ڪو به ستارو تڏهن بليڪ هول ٿيندو آهي جڏهن سڄي مادي کي هڪ ننڍي جڳهه تي قيد ڪجي جيئن سج کي هڪ ٽينس بال جيتري جڳهه ۾ قيد ڪيو وڃي ته اهو بليڪ هول ۾ تبديل ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.