25 سال اڳ ڪيل غلطي سلمان خان جي زندگيءَ لاءِ خطرو بڻجي وئي !

گذريل هفتي 14 اپريل آچر جي ڏينهن صبح سوير جڏهن بالي ووڊ جي ” سلطان “ سلمان خان جي گهر ٻاهران فائرنگ جو واقعو پيش آيو جنهن تي سندس والد ۽ مشهور اسڪرپٽ ليکاري سليم خان چيو ته گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ناهي.
سليم خان اِهو به چيو ته سلمان خان جي شيڊيول ۾ ڪا به ڦيرڦار نه ٿيندي ۽ هو پنهنجي پروگرام موجب ئي شوٽنگ شروع ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سليم خان چيو ته پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي انڪري گهٻرائڻ جهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي.
ٻئي پاسي پوليس معاملي کي انتهائي سنجيدگي سان ورتو آهي ڇو ته سلمان خان کان کي ان کان اڳ به موتمار ڌمڪيون مليون هيون.
برطانوي خابرو اداري موجب، ڀارتي پوليس فلمي انداز ۾ پنهنجن جاسوسن جي نيٽ ورڪ کي متحرڪ ڪيو ۽ پوءِ ان معاملي ۾ گجرات رياست جي هڪ مندر مان ٻن نوجوانن کي گرفتارڪري ورتو آهي.
پوليس جوابدارن کي سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات گرفتار ڪيو ۽ گذريل ڏينهن کين ممبئي جي مجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو جتي جوابدارن جي 25 اپريل تائين پوليس رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي.
پوليس عدالت آڏو جيڪي ڳالهيون رکيون اِهي ڪجهه هن ريت هيون ته پنجاب ۽ هرياڻا ۾ سرگرم لارنس بشنوئي گروپ ٻنهي نوجوانن کي سلمان خان کي مارڻ جي ذميواري ڏني هئي ۽ ان واقعي جا پيرا 25 سال پراڻي واقعي ۽ ڪيس ڏانهن وڃن ٿا جڏهن ناياب نسل ڪاري هرڻ جي شڪار جي الزام ۾ سلمان خان کي آجو قرار ڏنو ويو هو.
رپورٽ موجب، ان گروپ جو واسطو هڪ مذهبي فرقي سان آهي جيڪي ڪاري هرڻ کي مقدس سمجهن ٿا ۽ ڀارتي قانون موجب ان جي شڪار تي پابندي آهي.
جيتوڻيڪ سلمان خان يا سندس گهرڀاتين کي ان حملي ۾ ڪو به نقصان ناهي پهتو پر هي ويجهڙائي وارن سالن دوران اداڪار کي ملندڙ ڌمڪين جي سلسلي جو تازو واقعو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.