اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ايندڙ 15 ڏينھن لاءِ پيٽروليم پيداوار جي قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو. پيٽروليم ڊويزن طرفان پيٽروليم پيداوار جي قيمتن ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق، پيٽرول جي في ليٽر اگهه 2 رپيا گهٽايو ويو آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 263 رپيا 45 پيسا في ليٽر ٿيندي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا 79 پيسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 279 رپيا 64 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.