عسڪري ليبارٽرين مان ٺهيل حڪمران عالمن کي دٻائي نٿا سگهن\اسلم غوري

اسلام آباد (بيورو) جمعيت علما اسلام حڪمرانن کي خبردار ڪيو آهي ته عالم سڳورن سان نه اُچايو وڃي، ڇو ته گرم زمين برداشت نه ڪري سگهندا، ترجمان جي يو آءِ اسلم غوري چيو آهي ته حڪمران چون ٿا ته اسان جي ڪرسي تمام مضبوط آهي، پر ياد رکو ته اصل مضبوط ڪرسي رڳو ”آيت الڪرسي واري“ ڪرسي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن حڪمران ديني ادارن جي حقيقي مدد ڪرڻ چاهين ٿا ته مسجدن جا بل معاف ڪن، عمران خان سان ڪو ذاتي جهيڙو نه هو، اختلاف صرف حڪومت جي پاليسين سان هو، حڪمران گرم زمين تي پير نه رکن، نه ته پير ساڙي ويهندا، پنجاب جا حڪمران خوف جي فضا پيدا ڪري حڪومت ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته غريب کي تنگ ڪيو ويندو ته اها باهه حڪمرانن جي محلن تائين پهچي ويندي، پنجاب جا حڪمران عالم سڳورن سان ٽڪراءُ بند ڪن. توهان عالمن کي پنجويهه هزارن ۾ خريد ڪرڻ چاهيو ٿا، حڪمران اختلاف پيدا ڪري مذهبي تڪرار کي وڌائڻ چاهين ٿا، جڏهن ته جي يو آءِ سڀني طبقن جي نمائندگي ڪري ٿي، اسلم غوري چيو ته عسڪري ليبارٽريز مان پيدا ٿيل حڪمران عالمن کي دٻائي نٿا سگهن. جنهن ضيا الحق جي ليبارٽري مان توهان پيدا ٿيو، اسان ان کي به سک سان حڪومت ڪرڻ نه ڏني،  27هين ترميم ذريعي متفقه آئين کي تڪراري بڻايو ويو آهي، غير اعتماد سان 27هين ترميم منظور ڪرڻ ملڪ ٽوڙڻ جي برابر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.