رات جو ننڊ نٿي اچي ته هي ٽوٽڪا آزمايو

پاڻ کي دماغي طور تي صحتمند رکڻ لاءِ رات جو گھٽ ۾ گھٽ ست ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ ضروري آهي.

ماهرن موجب جيئن کائڻ پيئڻ ۽ ساهه کڻڻ اسان جي بقا لاءِ اهم آهي ائين ئي سمهڻ ۽ آرام ڪرڻ به گھڻو ضروري آهي ڇو ته اڻپوري ننڊ اوهان جي جسماني ۽ ذهني صحت تي هاڃيڪار اثر وجهي سگھي ٿي.

هڪ تحقيق ذريعي خبر پئي آهي ته اڄ جو انسان ماضي جي انسانن جي ڀيٽ ۾ ”هڪ ڪلاڪ گھٽ ننڊ ڪري ٿو جڏهن ته مرد ۽ عورتون 24 ڪلاڪن ۾ رڳو 4 کان 6 ڪلاڪن جي ننڊ ڪري رهيا آهن“.

آمريڪن سليپ ايپنيا ايسوسيئيشن موجب سڄي آمريڪا ۾ 70 سيڪڙو بالغ ماڻهو مهيني ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ رات اڻپوري ننڊ ڪندا آهن جڏهن ته 11 سيڪڙو هر رات گھٽ ننڊ ڪرڻ جي شڪايت ڪندا آهن.

مطالعن مان خبر پئي آهي ته يوگا ڪرڻ بهتر ننڊ کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو. يوگا ننڊ ۽ جاڳڻ کي منظم رکندڙ هارمون ميلاٽونن جي واڌ ويجهه ڪري ننڊ ۾ مدد ڪري ٿي.

اسٽريس، مايوسي ۽ دٻاءَ تي به يوگا جو نمايان اثر پوندو آهي. يوگي ٽائيمز جي باني جيسي گيبلر يوگا جون ٽي اهڙيون پوزيشنز شيئر ڪيون آهن جيڪي اوهان کي پُرسڪون ننڊ ۾ مدد ڏئي سگھن ٿيون.

هيپي بي بي پوز(Happy baby Pose)

yoga 1

چائلڊ پوز(Child Pose)

yoga 2

ڪورپس پوز (Corpse Pose)

yoga 3

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.