انسٽاگرام تي هاڻي سمورن فالوورز کي جواب ڏيڻ سولو

فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ نئون فيچر اچي ويو آهي جنهن ۾ ڪريئيٽر پنهنجي فالوورز سان سڌي ريت رابطي ۾ هوندو.

رپورٽس موجب ٽيڪنالوجي جي مدد سان ان فيچر کي آڻڻ جو مقصد گھڻن فالوورز جي ڪريئٽرز کي رابطو ۾ مدد ڪرڻ آهي. ڪريٽير اي آءِ نالي چيٽ بوٽ جي نالي سان ان فيچر تي اڃا تجربا جاري آهن.

رپورٽ موجب ان چيٽ بوٽ کي واهيپدار پنهنجي ڊيٽا سان تربيت ڏئي سگهن ٿا ۽ ان جي ذريعي پنهنجي فالوورز سان سڌي ريت ميسيجز ۾ رابطو ڪري سگهن ٿا. حقيقيت ۾ اهو چيٽ بوٽ فالوورز سان ڳالهه ٻولهه دوران واهيپدار جي شخصيت جيان مظاهرو ڪندو. جڏهن ته ڪمينٽ سيڪشن ۾ به اهو چيٽ بوٽ واهپيدار پاران فالوورز سان رابطي ۾ رهندو.

ان چيٽ بوٽ جي تياري جو مقصد انهن ڪريئيٽرز کي هڪ عام مسئلي کان بچائڻ آهي جڏهن هو پنهنجي فينز ۽ فالوورز کي جواب ناهن ڏئي سگهندا، هن فيچر سان پاڻمرادو فينز سان ڪچهري ٿي ويندي.

ان کان اڳ به اي آءِ کي انسٽاگرام ۾ مختلف فيچر ذريعي واهپيدارن جي سهولت لاءِ پيش ڪرڻ تي تجربا ٿي رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.