حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي وضاحت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان عوام پريشان آهي پر حڪومت اگهن ۾ تازي واڌ تي وضاحت جاري ڪئي آهي.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تازي واڌ جي حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ترجمان جو بيان سامهون اچي ويو.
ناڻي واري وزارت جي ترجمان موجب 15 ڏينهن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 3.82 ڊالر في بيرل ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4.30 آمريڪي ڊالر في بيرل واڌ ٿي.
ترجمان چيو ته اوگرا طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ 4.53 رپيا واڌ ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 8.14 رپيا واڌ جي تجويز ڏني وئي.
بيان ۾ چيو ويو ته اگهن جو دارومدار عالمي مارڪيٽ، ايڪسچينج ريٽ تي آهي، وچ اوڀر جي صورتحال سبب به عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه وڌيا، اميد ته بحران جي خاتمي سان رليف ملي سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.