عيدالاضحيٰ جي امڪاني تاريخ سامهون اچي وئي

فلڪياتي ماهرن عيدالاضحيٰ جي امڪاني تاريخ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي پر ذوالحج جو چنڊ نظر اچڻ کانپوءِ ئي حتمي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.
عيدالاضحيٰ ۽ عيدالفطر ۾ ٻن مهينن کان ڪجهه وڌيڪ جو فرق هوندو آهي، جنهن سبب عيدالفطر کانپوءِ مسلمان عيدالاضحيٰ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيندا آهن.
فلڪياتي ماهرن عيدالاضحيٰ جي امڪاني تاريخ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي پر تاريخ دنيا جي مختلف حصن ۾ چنڊ نظر اچڻ جي لحاظ سان مختلف ٿي سگهي ٿي.
مصري ماهرن فلڪياتي حساب سان ٻڌايو ته دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ عيدالاضحيٰ 16 جون 2024 تي ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته امڪاني طور ذوالحج مهيني جي شروعات 7 جون 2024 تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.