دپيڪا جي سگنهم جي سيٽ تان وائرل تصوير سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار دپيڪا پاڊڪون جي ايڪشن ٿرلر فلم ” سنگهم اگين “ جي سيٽ تان تصوير وائرل ٿي وئي.
وائرل تصوير ۾ اداڪارا روهت شيٽي جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم جي سيٽ تي پوليس جي ورديءَ ۾ شوٽنگ ڪندي نظر اچي رهي آهي.
ايڪشن ٿرلر سنگهم اگين جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ دپيڪا پاڊڪون کانسواءِ اجي ديوگن، رنوير سنگهه، اڪشي ڪمار ۽ ڪرينا ڪپور پڻ شامل آهن.
اداڪارا جي تصوير ڏسي مداح جتي خوش آهن اتي حيران آهن ته ڳورهاري هئڻ باوجود اداڪارا پنهنجي پروفيشنل ذميواري نڀائي رهي آهي.
ياد رهي ته اداڪار رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پاڊڪون فيبروريءَ ۾ مداحن کي خبر ڏني هئي ته سپٽيمبر ۾ سندس گهر ننڍي مهمان جي آمد متوقع آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.