نيوزيلينڊ خلاف سيريز، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مداحن لاءِ بُري خبر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز سڀاڻي کان شروع ٿي رهي آهي جڏهن ته سيريز دوران برساتن سبب ميچن جي مزو خراب ٿي سگهي ٿو.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز اهڙي وقت ۾ شروع ٿي رهي آهي جڏهن ملڪ جا اڪثر علائقا برساتن جي گهيري ۾آهن ۽ اڄ شام کان مِينهن وسائڻ وارو نئون سسٽم ملڪ ۾ داخل ٿي رهيو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ ڪرڪيٽ شوقينن کي ان ڳڻتي ورائي ورتو آهي ڪٿي سيريز برسات جي ور نه چڙهي وڃي.
سيريز جون شروعاتي ٽي ميچون پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ رٿيل آهن جڏهن ته آخري ٻه ميچون لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.
موسميات کاتي طرفان جاڙن شهرن ( اسلام آباد، راولپنڊي ) ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب پنڊي ۾ شيڊيول شروعاتي ٻه ميچن جي برسات سبب متاثر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.