ايشيا ڪپ مستقبل ۾ ڪهڙن ڪهڙن ملڪن ۾ ٿيندو؟

ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ايندڙ ايشيا ڪپ ايونٽ ڪهڙن ڪهڙن ملڪن ۾ ٿيندا ان حوالي سان منصوبانندي شروع ڪري ڇڏي آهي.
پاڪ-ڀارت سياسي ڇڪتاڻ ۽ ڀارتي هوڏ سبب ڪرڪيٽ به متاثر ٿيندي آهي جيئن گذريل سال ايشيا ڪپ جي ميزباني پاڪستان کي ڪرڻي هئي پر ڀارت جي انڪار سبب ٽورنامنيٽ مسئلن جي وڙ چڙهي وئي.
ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ( اي سي سي ) ايندڙ 4 ايشيا ڪپ ٽورنامنٽس جي ميزباني لاءِ منصوبابندي شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ ڀارتي نشرياتي ادارن کان مشورو طلب ڪيو ويو آهي ۽ ايونٽ جي نشرياتي حقن جي واڪَ لاءِ پلان تيار ڪري ورتيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ايندڙ 4 ايونٽن لاءِ نشرياتي حقن جو معاهدو ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ٽينڊر ۾ ايشياڪپ جا چار ايونٽس شامل آهن جنهن ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جا ٻه، ٻه ايونٽ آهن.
رپورٽ موجب، ايندڙ ايشيا ڪپ جي امڪاني ميزبانن ۾ سريلنڪا، بنگلاديش، گڏيل عرب رياستون ۽ عمان شامل آهن.
ٻئي پاسي براڊ ڪاسٽر طويل مدتي منصوبي ۾ دلچسپي رکن ٿا.
ياد رهي ته نشرياتي حقن جي گذريل معاهدي جي قيمت چئن ايڊيشن لاءِ اٽڪل اسي ملين ڊالر هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.