نيوزيلينڊ خلاف وڏن نالن تي ٻڌل ڪمزور ٽيم چونڊي وئي آهي: محمد حفيظ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ٽيم ڊائريڪٽر محمد حفيظ سليڪشن ڪميٽيءَ کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته سليڪشن ڪميٽي وڏن نالن تي ٻڌل ڪمزور ٽيم جي چونڊ ڪئي آهي، گهر ويٺل رانديگرن کي سڏائي ٽيم مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته ڪو سبب هو جنهنڪري بابر اعظم کي ڪپتاني تان هٽايو ويو کيس وري ڪپتان بڻايو ويو آهي.
محمد حفيظ چيو ته جڏهن بابر اعظم ڪپتان هو ته مٿس هر گروپ کي نوازڻ جهڙا الزام مڙهيا ويا هئا.
اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته شاهين آفريديءَ کي ٻن مهينن اندر ئي ڪپتاني تان هٽائڻ جو جوڳو سبب نه ٻڌايو ويو، ٽيم جي بهتري لاءِ چار سالا رٿا آندي هئي پر ٻن مهينن کانپوءِ کي مون کي عهدي تان هٽايو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.