هاڻي اي آءِ ماڊلز جو به حسن جو مقابلو ٿيندو!

آرٽيفيشل انٽيجيليجنس(اي آءِ) ٽيڪنالوجي کي مختلف شعبن ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي پر سماجي رابطن جي ويبسائيٽس تي حيرت جوڳي ڪاميابي بعد هاڻ واهپيدارن لاءِ اي آءِ جو حسن جو مقابلو ڪيو پيو وڃي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽس موجب دنيا ۾ پهريون ڀيرو اي آءِ مس ورلڊ نالي حسن جو مقابلو ڪيو پيو وڃي. ان مقابلي جو مقصد اي آءِ ٽيڪنالوجيءَ جي اڳڀرائي آهي جڏهن ته روايتي حسن جي فارميٽ جي ڀيٽ به ڪرڻي آهي. ان مقابلي ۾ اهڙا پروفائيل شريڪ ٿي سگهندا جيڪي سوشل ميڊيا تي سرگرم هجن. مقابلي ۾ ڪاميابيءَ جا نتيجا خوبصورتي، آن لائين موجودگي ۽ اي آءِ ٽولز جي تخليقي استعمال تي ٻڌل هوندا.

ڪمپني پاران مقابلي ۾ مختلف اڻڳڻين انٽريز جي توقع آهي، اميدوارن کي اي آءِ ٽيڪنالوجي سان تيار ڪيل تصوير جمع ڪرڻي آهي ۽ مختلف سوالن جا جواب پڻ ڏيڻا آهن.

ڪمپني موجب 10 ڊجيٽل اواتارز کي چونڊيو ويندو جن مان 3 ڪامياب ٿيندا. پهرين نمبر تي ايندڙ اواتار کي 5 هزار ڊالر ڏنا ويندا جڏهن ته هڪ 3 هزار ڊالر جي پروگرام۾ حصو بڻايو ويندو. مقبالي ۾ چار ججز هوندا جن مان ٻه اي آءِ ماڊلز Aitana Lopez ۽ Emily pelligrini آهن جن کي مختلف برانڊز پاران ماڊلنگ جو ڪم ڏنو ويو آهي.

مس اي آءِ جو اعلان 10 مئي تي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.