الله کانپوءِ شريف خاندان تي يقين آهي: عمر اڪمل

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر عمر اڪمل چيو آهي ته الله کانپوءِ مون کي شريف خاندان تي يقين آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ عمر اڪمل چيو ته هر فرد جا ذاتي رابطا هوندا آهن، مان نواز شريف، وزيراعليٰ مريم نواز جو ٿورائتو آهيان جن مون کي سدائين وقت ڏنو.
عمر اڪمل شڪايت ڪئي ته سندس زندگي ۾ ڪجهه مسئلا هئا جن کيس پريشان ڪيو، ڊگهي عرصي کان ڪرڪيٽ کيڏڻ نه پئي ڏني وئي، پي سي بي جا وڏڙا پرسنل ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته مون پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ موقعو ڏيڻ جي درخواست ڪئي، الله کانپوءِ مون کي شريف خاندان تي يقين آهي، انشاءَ الله جيڪڏهن موقعو مليو ته عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪندس.
ياد رهي ته 34 ورهين جي عمر اڪمل آخري ڀيرو پاڪستان جي نمائندگي 2019ع ۾ سريلنڪا خلاف ميچ ۾ ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.