سنڌ هاءِ ڪورٽ جو گهرو وزارت کي ايڪس جي بندش بابت لکيل خط واپس وٺڻ جو حڪم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو وزارت کي سوشل ميڊيا ايپليڪيشن ايڪس جي بندش بابت لکيل خط واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڪس ۽ انٽرنيٽ جي بندش خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل چيو ته گهرو وزارت قبول ڪيو ته ايڪس جي بندش لاءِ پي ٽي اي کي خط لکيو هو پر ايڪس جي بندش جا ڪارڻ نه ڄاڻايا ويا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙو سبب آهي جو ايڪس بند ڪيو ويو آهي؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڪالهه ته ايڪس هلي رهيو هو.
چيف جسٽس سوال ڪيو ته اڄ به ايڪس هلي رهيو آهي يا نه؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته مان معلوم ڪري ٿو وٺان ته ايڪس هلي رهيو آهي يا نه؟
ايڊيشنل اٽارني جنرل ايڪس جي بندش بابت گهرو وزارت جو نوٽيفڪيشن پڙهي بڌايو.
درخواست گذار جي وڪيل چيو ته غلط خبر تي سوشل ميڊيا ايپ تي 5 سئو ملين تائين جو ڏنڊ ٿي سگهي ٿو، سوشل ميڊيا بند ڪرڻ کان پهرين سروس فراهم ڪندڙ کي نوٽيس جاري ڪيو ويندو آهي، چئن کان پنج ڪروڙ پاڪستاني ايڪس استعمال ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته وي پي اين ذريعي انٽرنيٽ جي اسپيڊ انتهائي گهٽجي ويندي آهي، هڪ حڪم سان ايڪس بند ڪيو ويو ته اسان کي مٿان کان انفارميشن ملي آهي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اسان کي هدايتون وٺڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت سوال ڪيو ته رڳو ايڪس ڇو بند ڪيو ويو آهي؟
چيف جسٽس اٽارني جنرل سان مڪالمو ڪندي پڇيو ته ملڪ اوهان کي هلائڻو هوندو آهي زميني حقيقتون اوهان ڄاڻو ٿا، ملڪي مفاد جو به اوهان کي پتو آهي، ڪجهه شيون هٿن مان نڪرنديون پيون وڃن جنهن سان ڪنهن کي ڪو فائدو نه ٿيندو.
چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ادارا، عدالتون ڪنهن ڇا لا آهن؟ ماڻهن لاءِ آهن، عوام آهي ته اسان آهيون، اهڙن عهدن تي ويهندي شرم ٿئي ٿو، آئين جي پاسداري ۽ ملڪي مفاد اهم آهي.
عدالت ايڪس جي بندش بابت لکيل خط جو سبب نوَ مئي تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته انٽرنيٽ جي بندش تي دنيا اسان تي کلندي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو وزارت کي ايڪس جي بندش لاءِ پي ٽي اي کي لکيل خط واپس وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته هڪ هفتي اندر گهرو وزارت جو خط واپس نه ورتو ويو ته عدالت پنهنجو حڪم جاري ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.