مانجهند ڀرسان خوفناڪ روڊ حادثو، 6 ڄڻا فوت، 30 کان وڌيڪ زخمي

مانجهند ( ويب ڊيسڪ ) مانجهند ڀرسان خوفناڪ روڊ حادثي جَي نتيجي ۾ 6 مسافر فوت ٿي ويا ۽ ٽِيهه کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
سيوهڻ-ڄامشورو روڊ تي تيز رفتار ڪوچ، ٽينڪر ۽ مزدا وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، پوليس ۽ ڳوٺاڻا پهچي ويا.
حادثي جَي نتيجي ۾ 6 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سوڌو 30 کان مٿي زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي حادثي واري هنڌ تي ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ڊي سي پهچي صورتحال جو جائزو ورتو.
فوتين جا لاش ۽ زخمين کي مختلف گاڏين ذريعي ڄامشوري ۽ سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
حادثي جي ٽن فوتين جي سڃاڻپ ڪارو مڱڻهار، ڪوچ ڊرائيور پپن ۽ باڊهه واسي حاجن ڦلپوٽو طور ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٽن ڄڻن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.
حادثي بعد سمورن زخمين کي ضلعي جي مختلف اسپتال سيوهڻ، ڄامشورو ۽ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو .
حادثي جو شڪار ٿيل مسافر ڪوچ لاڙڪاڻي کان ڪراچي ۽ ٽينڪر ڄامشوري کان سيوهڻ وڃي رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.