گڏيل عرب رياستن ۾ برسات جو 75 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، موسميات کاتي پاران ريڊ الرٽ جاري

ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب امارات ۾ برسات 75 ورهين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، العين جي علائقي خطم الشڪلا ۾ 2 سئو 54 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
دبئي، شارجه ۽ ابوظهبي سوڌو گڏيل عرب امارات جَي ٻين رياستن ۾ طوفاني برسات سبب روڊ رستا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا.
دنيا جَي بلند ترين عمارت برج خليفا سامهون روڊ به پاڻيءَ سان ڀرجي ويو، ٽريفڪ جو نظام ڊانواڊول ٿيڻ سبب شهري پريشانين کي منهن ڏيندا رهيا.
دبئي ايئرپورٽ تي 25 منٽن تائين فلائيٽ آپريشن بند ٿيڻ سبب ڪيتريون ئي اڏامون ملتوي ڪيون ويون.
مارڪيٽن، شاپنگ مالز ۽ ميٽرو اسٽيشنز ۾ به برسات جو پاڻي داخل ٿي ويو، موسميات کاتي گڏيل عرب امارات ۾ اڄ لاءِ به ريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.