پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدي جي آجيان ڪيون ٿا: آمريڪا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جَي ترجمان ميٿيو ملر پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدي جِي آجيان ڪئي آهي.
ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪئي آهي، هُو قرضن جَي بار کي سنڀالڻ لاءِ ڪوششن جِي حمايت ڪن ٿا.
هن چيو ته پاڪستاني ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جَي عهديدارن سان ملاقاتن لاءِ واشنگٽن ۾ موجود آهي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا معاشي چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اقتصادي سڌارن کي ترجيح ڏيڻ جِي حوصلا افزائي ڪري ٿو.
آمريڪي پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان سان ٽيڪنيي معاهدن سان گڏوگڏ واپاري ۽ سيڙپڪاري ذريعي رابطا جاري رکيا ويندا.
ميٿيو ملر چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪري ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل ڳولڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.