بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: عطا تارڙ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ پنهنجي پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير جاويد لطيف بابت چيو آهي ته سندس ڳالهين کي سنجيدا نه ناهيان وٺندو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته راڻا ثناءُ الله ۽ جاويد لطيف جي پنهنجي راءِ آهي، ٻنهي کي گذارش آهي ته پارٽيءَ جي اندر رهي اختلاف راءِ رکن.
وفاقي وزير عطا تارڙ اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا معيشت جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم جي سعودي دوري جي ڪاميابي جي ڪري سعودي وفد پاڪستان آيو.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سعودي عرب وفد پاران سيڙپڪاري تي دلچسپي ظاهر ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي، جڏهن ته پرڏيهي پاليسي ڪامياب ڏانهن وڌي پئي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني ڪرپشن ڪيسز ۾ جيل آهي
سندس چوڻ هو ته ايندڙ ڏينهن ۾ سعودي عرب کان اعليٰ وفد ايندو جنهن سان معاهدي جون صحيحون ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته وفاقي ڪابينا ۾ ڌرڻو ڪميشن بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي .
عطا تارڙ چيو ته اپوزيش وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪا به ايجنڊا موجود ناهي ، اميد آهي ته 9 مئي واري ڪيس انجام تائين پهچندو .
هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سبب پاڪستان ۾ به تيل جا اگھه وڌي رهيا آهن .
اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اسٽريٽجڪ لحاظ کان هڪ ايٽمي رياست آهي، دوست ملڪ جنهن سنجيدگيءَ سان پاڪستان سان معاملن تي ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اها پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ نئون باب آهي.
هن چيو ته ايٽمي رياست ٿيڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، حڪومت ايندي ئي معيشت جي حوالي سان هاڪاري خبرون سامهون اچي رهيون آهن ، اها به اسان جي خوش قسمتي آهي،.
هن چيو ته حڪومت ۾ ايندي ئي معيشت لاءِ جيڪو فيصلو ڪيو ان سان پاڪستان کي عالمي سطح تي وڏي مڃتا ملي آهي، ايٽمي رياست هجڻ وڏي ڳالهه آهي، پاڪستان ۾ پاڻي جا ڪيترائي قدرتي ذخيرا موجود آهن.
وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سعودي عرب جي دوري تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، ڪڻڪ جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو.
ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ڪابينا فيصلو ڪيو ته ڪڻڪ جي خريداري جا هدف وڌائڻ لاءِ چئني صوبائي حڪومتن کي خط لکيو ويندو ته جيئن هارين کان وڌ کان وڌ ڪڻڪ ورتي وڃي ۽ ان جو اگهه به سٺو رکيو وڃي ، جنهن سان هاريءَ خوشحال ٿيندو.
وفاقي وزير چيو ته بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو، جيڪي تقرير ڪئي وئي اها ڪمپني هلڻ واري ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.